حاجي بابا اصفهاني

حاجي بابا اصفهاني

حاجي بابا اصفهاني

حاجي بابا اصفهاني (ڪتاب): هيءُ ڪتاب اصل ۾ انگريزيءَ ۾ ڪيپٽن جيمس مورير جو لکيل آهي. جيڪو ايران جو مشهور سياح هو. مورير جو انگريزيءَ ۾ لکيل هيءُ ڪتاب ‘Haji Baba Asfhani’ 1823ع ۾ لنڊن مان ڇپيو. مرزا قليچ بيگ هن ڪتاب جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو 1914ع ۾ ڪيو. مرزا صاحب ديباچي ۾ لکي ٿو ته: ”مورير جو هيءُ ڪتاب ماڻهن کي گهڻو پسند آيو، جنهن کانپوءِ هن ڪتاب جو ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو، هندستان ۾ وري اردوءَ ۾ ترجمو ٿيو. هڪ معزز دوست جي صلاح تي مون ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.“ مرزا صاحب هن ڪتاب جو ترجمو تمام سليس سنڌيءَ ۾ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل چاليهه باب آهن، انهن چاليهن بابن ۾ حاجي بابا اصفهانيءَ جو مفصل قصو بيان ڪيل آهي، حاجي بابا اصفهاني ڪيئن حجام مان وڃي ايران جي حاڪم وٽ امير ۽ وزير ٿيو. ان کانسواءِ ايراني شاعر عسڪر شيرازي، ڪجهه درويشن، حڪيمن، حاجي بابا اصفهاني ۽ سندس معشوقه جو تفصيلي قصو، انهي معشوقه جو احوال ۽ يوسف ارمني ۽ سندس زال جو پڻ تفصيلي قصو بيان ڪيل آهي. ڪرائون سائيز ۾ 419 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو.


لفظ حاجي بابا اصفهانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو